سنت ماتئي ڏيو جي سماڌي

سنت ماتئي ڏيو جي سماڌي

سنت ماتئي ڏيو جي سماڌي

سنت ماتئي ڏيو جي سماڌي (مقبرو): هيءَ سماڌي قديم تاريخي ڳوٺ ٻاڌرا جي دڙي تي اڏيل آهي. موجوده وقت ۾ هيءَ سماڌيءَ ڳھيلڙن جي ڳوٺ، تعلقي تلهار، ضلعي بدين ۾ آهي. ماتئي ڏيو جي سماڌي چؤڪنڊي ٿلهي تي ٺهيل آهي، جنهن تي چڙهڻ لاءِ 6 ڏاڪا آهن. سماڌيءَ جي اڳيان ۽ پويان دروازا آهن، جن مان هر هڪ دوازي کي ٻه ونگون نڪتل آهن ۽ چؤطرف ٿنڀا اڏيل آهن. سماڌيءَ جي پاسن کان ڀتين بدران هيٺئين حصي ۾ چئن کان پنجن فوٽن جون سيمينٽ جون ڄاريون لڳل آهن. سماڌيءَ جي فرش تي اڇيون ٽائيلس لڳل آهن. سماڌيءَ جي ڇت چبوتري جي انداز ۾ تعمير ٿيل آهي، جنهن کي ٻنهي پاسن کان هيٺئين طرف لاهين ڏنل آهي. ڇت جو ڪجھه حصو هيٺئين حصي کان 2 کان 3 فوٽ ٻاهر نڪتل آهي. ڇت جو اندريون حصو سادو آهي، سنت جي سماڌي وچ تي آهي، جنهن کي چوڌاري لوهي ڄاري ڏنل آهي. ٻارمتي پنٿ جي رسمن جي ادائيگي ۽ ياترين جي رهائش لاءِ سماڌيءَ جي چؤڌاري سرن سان حدبندي ٿيل آهي، جتي سماڌيءَ جي سار سنڀال ڪندڙ مجاورن جون ٻيون به سماڌيون آهن. هتي هڪ بٺي گنگ ديويءَ جي آهي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته هوءَ ماتئي ڏيو جي گنانن جي ڄاڻو ۽ سندس وڏي معتقد هئي. هن سماڌيءَ تي هر سال ڦڳڻ مهيني جي پهرين تٿ تي مهيشوري مينگھواِڙن جا قافلا ياترا لاءِ ايندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو